راڻو ارجن ۽ بجار جوکيو

راڻو ارجن ۽ بجار جوکيو: آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جي لاهري بندر ۽ ڌاريجا وارن حصن تي راڻو ارجن حڪومت ڪندو هو. جيڪو هندو ڪنور هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت هئي. راڻو ارجن ۽ ڪلهوڙا حڪمران پاڻ ۾ نه ٺهندا هئا، جنهن ڪري ڪلهوڙن ٺٽي جي نواب جي معرفت بجار جوکيي جي هٿان راڻي ارجن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. راڻي ارجن کي ڪو به اولاد ڪونه هو، جنهن ڪري بجار جوکيي ان جي ملڪيت تي آسانيءَ سان قبضو ڪري ورتو. جنهن کانپوءِ بجار جوکيي کي انهيءَ سرانجاميءَ تي ٺٽي جي نواب طرفان هڪ خلعت ۽ جاگير ملي، جڏهن ته بجار کي ’ڄام‘ جو لقب سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پاران عطا ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو